عبدالحميد ابڙو

عبدالحميد ابڙو

حميد ابڙو

حميد ابڙو: هن ليکڪ جو نالو عبدالحميد ابڙو آهي، 2 اپريل 1973ع تي ٺل تعلقي جي ڳوٺ حاجي شاهنواز ڏيٿي ۾ علي محمد ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتائين. پرائمري تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان، انٽر ۽ گريجوئيشن سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم اي اڪانامڪس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. حميد ابڙي 1992ع کان اخبارن ۽ رسالن ۾ پروف ريڊر، ڪمپوزر ۽ سب ايڊيٽر طور ڪم شروع ڪيو جنهن دوران سندس ادب ڏانهن دلچسپي وڌي ۽روزاني عبرت، خادم وطن، عبرت مئگزين، ماهوار هزار داستان، سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۽ هفتيوار سنڌو ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون ڇپجندا رهيا. حميد ابڙي ڪهاڻين ۾ سماجي قدرن، ديس واسين سان محبت ۽ غريب طبقي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي. کيس سندس ٽي وي ڊرامي ”درياهه جو درد“ تي 2004ع ۾ بهترين ڊرامه رائيٽر جو اوارڊ ڏنو ويو. ان کانسواءِ 2009ع ۾ انيس انصاري اڪيڊمي پاران سندس ڪهاڻي ”مٽي“ تي اوارڊ ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.04.02  عيسوي

عبدالحميد ابڙو 2 اپريل 1973ع تي ٺل تعلقي جي ڳوٺ حاجي شاهنواز ڏيٿي ۾ ڄائو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چاچڙ حاجي خان ڄاموٽ
روپ ڪمار گھايل
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
رزاق سهتو
بهاري لعل ڇاٻڙيا 2
رضا علي عابدي
زيب سنڌي
شاهد احمد دهلوي
پرسو جي گدواڻي ڊاڪٽر
خادم حسين لاکير ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون